جامعه اشرفيه

جامعه اشرفيه: سکر تعلقي ۾ موجود هن مدرسي جو بنياد مولانا محمد احمد ٿانوي 1377هه/ 1957ع ۾وڌو. مولانا محمد احمد ٿانوي 1331هه/ 1913ع ۾ سهارنپور ۾ پيدا ٿيو ۽ 7 محرم الحرام 1397هه/ 29 ڊسمبر 1976ع ۾ وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ سندس پٽ مولانا اسعد ٿانوي (ولادت 1946ع ڪانپور، انڊيا) هن جو انتظام سنڀاليو. هن مدرسي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي قاري محمد طيب سربراهه دارالعلوم ديوبند به آيو هو. هن مدرسي ۾ حفظ، ناظره قرآن مجيد ۽ درس نظامي وغيره جي تعليم ڏني ويندي آهي. هتي مقامي ۽ ٻاهريان شاگرد وڏي تعداد ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هي وچولي سنڌ جي مشهور ديني درسگاهه آهي، ڪجهه عرصو اڳ هڪ عاليشان ۽ وڏي عمارت جو اضافو ٿيو آهي. هتي نياڻين جي تعليم لاءِ به هڪ شعبو قائم ٿيل آهي، جتي درس نظامي جي مڪمل تعليم ڏني ويندي آهي، هتان ڪيترائي شاگرد تعليم حاصل ڪري ملڪ جا ناميارا عالم بڻجي چڪا آهن.



لفظ جامعه اشرفيهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو